ايٿ ائٿ

اَيٿُ/ ائٿُ: هڪ تارو، جيڪو بڊي مهيني جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ اڀري ٿو (آگسٽ جي 17 کان 27 تاريخ). ڪن جي چوڻ موجب بڊي جي پوين تاريخن يا اڃا به اَسُوءَ جي پهرين تاريخن ڌاري اُڀري ٿو. پهريائين اَسُر وقت اُڀري ۽ جيئن پوءِ تيئن اڳ ۾ اُڀري، تان جو آڌيءَ ڌاري اُڀرندو آهي. ڏکڻ اوڀر ڪنڊ کان اُڀرندو ۽ ڏاکڻي اُفق تي ئي رهندو. عام خيال موجب ايٿ اُڀري درياهه جي پاڻيءَ ۾ ڇينهرو آڻيندو. مال جو کير سُڪائيندو، ٻِرن کان ٻاهر جيڪي جيت هوندا، تن کي ماريندو، ان وقت چمڙو رڱبو ته خوشبوءِ ڪندو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو